وڪيپيڊيا:تربيتي مواد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌي وڪيپيڊيا يا وڪيپيڊيا جي دنيا ۾ پير پائڻ کانپوءِ عام طور تي نون واپرائيندڙن (يوزرز) کي انيڪ بنيادي مسئلا ۽ ڏکيائيون پيش اينديون آهن، تنهنڪري واپرائيندڙن جي انهنين ڏکيائين کي سامهون رکي مددگار صفحا ۽ تربيتي بنيادن تي سکيا وڊيو تيار ڪيا ويا آهن ته جيئن اهي مشڪلون ۽ ڏکيائيون آسانيءَ سان حل ٿي سگهجن. اهڙا مدد صفحا ۽ ٻيو تربيتي مواد سنڌي وڪيپيڊيا تي پکڙيل آهي، جنهنڪري انهن تائين پهچڻ هڪ اهڙي واپرائيندڙ لاءِ جيڪو نڪور نئون وڪپيڊيا تي پهتو آهي ۽ بنيادي معلومات کان پڻ اڻ واقف آهي، ته يقيناً اها ڳاله تڪليف جو سبب آهي۔ انهيءَ ڏکيائين کي سامهون رکي هن صفحي ۾ بنيادي ۽ سخت ضروري سهڪاري مواد (صفحا ۽ وڊيو وغيرہ) جا ڳنڍڻا ڪَٺا ڪري ڏنا ويا آهن ته جيئن هڪ ئي هنڌ تي تازو آيل نون وڪيپيڊيا ڀاڱيدارن (واپرائيندڙن) کي ضروري مواد ملي سگهي.

مضمون

تعارف وڪيپيڊيا
  • تعارف — وڪيپيڊيا ڇا آهي ۽ توهان ان جي تعمير ۽ تشڪيل ۾ ڇو شريڪ ٿي سگهو ٿا .
مختصر ٽيوٽوريل
  • ٽيوٽوريل — وڪيپيڊيا ترميم ڪاري تي سادو رهنما ٽيوٽوريل۔

وڊيو

وڊيو عنوان موضوع تاريخ وقت ڏسندڙ
سنڌي وڪيپيڊيا ۾ کاتو ڪيئن ٺاهجي؟ هڪ نئون واپرائيندڙ ڪهڙِ ريت سنڌي وڪيپيڊيا ۾ نئون کاتو/اڪائونٽ تخليق ڪري سگهي ٿو، ان باري ۾ تربيتي سکيا وڊيو 7 جنوري 2019ع 2:13 نوان واپرائيندڙ
نئون مضمون ڪيئن شروع ڪريو؟ هڪ نئون واپرائيندڙ ڪهڙِ ريت سنڌي وڪيپيڊيا ۾ نئون مضمون شروع ڪري سگهي ٿو 7 جنوري 2019ع 2:16 نوان واپرائيندڙ
سنڌي وڪيپيڊيا ۾ حوالا ڪيئن درج ڪريو؟ هڪ نئون واپرائيندڙ ڪيئن سنڌي وڪيپيڊيا ۾ مضمونن ۾ حوالا درج ڪري سگهي ٿو، ان بابت هدايتي وڊيو 26 جنوري 2019ع 2:17 نوان واپرائيندڙ
صفحو ڪيئن چوريو؟ نئون واپرائيندڙ ڪهڙِي سنڌي وڪيپيڊيا ۾ صفحو چوري سگهي ٿو، ان بابت هدايتي وڊيو 5 فيبروري 2019ع 2:03 نوان واپرائيندڙ

يوٽيوب

يوٽيوب تي سنڌي وڪيپيڊيا جي متعلق تربيتي وڊيوز جو چينل:

طريقو ترميم تي دستياب وڊيوز
موضوع/ڳنڍڻو دورانيو ليکڪ تاريخ
سنڌي وڪيپيڊيا تي کاتو ڪيئن ٺاهجي 16 منٽ جوڳي اسد جنوري 7، 2019ع


وڌيڪ ڏسو